انسان ماهوار

انسان (رسالو): ماهوار ’انسان‘ جو اجراءُ نامور اديب، عالم، دانشور ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قائم ڪيل ’اداره انسانيت‘ طرفان 1952ع کان ٿيو. هن اداري ۽ رسالي جي قيام جو مقصد طبقاتي بنياد تي جوڙيل استحصالي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي آگاهي ۽ انهن جي خلاف شعوري جدوجھد ڪرڻ ۽ انصاف تي مبني بھتر معاشري جي تشڪيل هو. انھيءَ سلسلي ۾ ماهوار ’انسان‘ ذريعي سنڌ ۾ جديد مقامي ۽ عالمي ادب کي روشناس ڪرايو ويو. ماهوار ’انسان‘ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾: آمريڪي ليکڪه پرل ايس. بڪ جي ناول ’ڊريگن سيڊ‘ جو اختصاري ترجمو: ”جاپاني گڏي“ (اختصار ۽ ترجمو محمد عثمان ڏيپلائي)، مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪلام ”گلزار احمد“، روسي ادب دوستو وسڪي جي ناول How the Steel was Tampered جو سنڌي ترجمو ۽ اختصار، ”سسي نيزي پانڌ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ڪرشن چندر جو ناول ”هاريءَ جي سجاڳي“ (مترجم عبدالغفور انصاري)، ڪرشن چندر جو ناول سج ڏکڻ مال ٿو اُڀري (مترجم سراج الحق بسملتاريخ '>انسان جي تاريخ (محمد عثمان ڏيپلائي)، مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ”امڙ“ (مترجم محمد عثمان ڏيپلائي)، ڊرامو ”ڪورٽ ناٽڪ“ (محمد عثمان ڏيپلائي) ڊرامو ”ڊاڪٽر ناٽڪ“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”روس جا چاليھه سال“ (تحقيق محمد عثمان ڏيپلائي)، ”روسي مسلمان“ (تحقيق محمد عثمان ڏيپلائي) ڊيل ڪارنيگيءَ جو ڪتاب ’راحت ڀري زندگي‘ (مترجم محمد عثمان ڏيپلائي)، ڊاڪٽر صادق جو ڪتاب ’چمڪندڙ زندگي‘ (مترجم محمد عثمان ڏيپلائي) وغيره. هي رسالو 1957ع تائين جاري رهيو. رسالي جا ڪجهه ابتدائي پرچا، الطاف احمد جي ادارت ۾ اردوءَ ۾ به نڪتا. انسان (هفتيوار): محمد عثمان ڏيپلائي جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ هفتيوار ”انسان“ حيدرآباد جو اجراء 3 مئي 1959ع کان ٿيو. پھريون شمارو ”شھيد انسانيت“ نمبر جي صورت ۾ آيو. ڪور تي ابراهام لنڪن جي تصوير ڏنل هئي، جنھن جي هيٺان سندس مشھور مقولو درج ٿيل هو. ”جھڙيءَ طرح آءُ ڪنھن جو غلام ٿيڻ پسند نه ڪندس، اهڙيءَ طرح ڪنھن کي غلام بڻائڻ به گوارا نه ڪندس.!“ هفته وار ”انسانپاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پھريون فيملي ميگزين چئي سگهجي ٿو. منجهس ڏيپلائي صاحب جي لکيل جديد ترقي پسندانه انساني ارتقاء جي سائنسي نظريي جي آسان زبان ۾ سمجھاڻي، جاهلانه عقيدن ۽ رسمن خلاف لکڻيون، سنڌي تھذيب ۽ زبان خلاف ٿيندڙ حڪومتي سازشن خلاف پرزور احتجاج، ”ٻارن جا صفحا“، ”عورتن جا صفحا“، ”فلمي صفحا“، ”دنيا جھان جون خبرون“، ”تبصرا“، ”تنقيد“ وغير، مطلب ته ”انسان“ هڪ مڪمل فيملي ميگزين هو. انسان جا خصوصي شمارا تاريخي اهميت جا حامل آهن. مثلاً ”آزادي نمبر، شھيد لو سمبا نمبر، ٽالسٽاءِ نمبر، سچل سرمست نمبر، ڀٽائي نمبر، سنڌ مدرسه نمبر“ وغيره رسالي جو آخري شمارو 27 فيبروريءَ 1961ع تي شايع ٿيو. تنھن کانپوءِ سرڪار طرفان مٿس بندش پئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو